چانڊيو عبدالله خان ’همدم‘

چانڊيو، عبدالله خان ’همدم‘: شاعر عبدالله خان ’همدم‘ ولد محمد يوسف چانڊيي، 8 مئي 1914ع تي ميهڙ شهر، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل غيبي ديري جا رهاڪو هئا. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ ميهڙ مان ڪيائين. ان کانپوءِ بمبئي يونيورسٽيءَ پڙهڻ ويو، جتان 1934ع ڌاري واپس وريو. 1942ع ڌاري سب رجسٽرار مقرر ٿيو. گهڻو عرصو تعلقي رتيديري ۾ ملازمت ڪيائين. کيس شاگرديءَ واري دؤر کان شاعريءَ جو شوق هو. نوڪري ملڻ کانپوءِ شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. شاعريءَ ۾ ’همدم‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندن شاعريءَ جو مجموعو ’ارمغان همدم‘ ڇپيل آهي. هو ’بزم اڪبر‘ ميهڙ جو صدر به رهيو. هن ستين سيپٽمبر 1988ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.05.08  عيسوي

شاعر عبدالله خان ’همدم‘ ولد محمد يوسف چانڊيي، 8 مئي 1914ع تي ميهڙ شهر، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


1988.09.07  عيسوي

عبدالله خان ’همدم‘ستين سيپٽمبر 1988ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سامي چئنراءِ لُنڊ
انعام ٽکڙائي
امر پيرزادو
حاجي حقير ابن مڱڻ
چتر ڀڄ
الهه رکيو سانگي
آخوند لطف الله لطف قريشي
خوش خير محمد هيسباڻي
پلي سالار
شاهه علي محمد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون